گل ڇڳاڻي

گل ڇڳاڻي

گل ڇڳاڻي

گل ڇڳاڻي: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مشھور شارح ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي نياڻي ۽ مشھور تعليمدان گل ڇڳاڻيءَ جو جنم 17 مئي 1931ع تي حيدرآباد جي واڌواڻي گهٽيءَ واري علائقي ۾ ٿيو. سندس ڇٺيءَ جو نالو لڇمي ۽ والده جو نالو ٺاڪري سدارنگاڻي هو. سيپٽمبر 1947ع ڌاري مير غلام علي ٽالپر جي مالي سھڪار سان سندن خاندان پاڻيءَ واري جھاز وسيلي بمبئي لڏي ويو، جتي سندس چاچو رهندو هو. بمبئي پھچڻ بعد سندس ماءُ پڻ ان ئي سال وفات ڪئي. سال 2000ع کان پوءِ 2018ع ۾ گل ڇڳاڻي ٻيو ڀيرو شاهه لطيف چيئر پاران انٽرنيشنل لطيف ڪانفرنس ۾ دعوت تي سنڌ آئي، جتي سندس هٿان شاهه لطيف انسائيڪلوپيڊيا جي پھرئين جلد جو مھورت ڪرايو ويو. ان سفر ۾ سندس اڪيلي نياڻي اُروشي (Urvashi) به گڏ هئي. سندس مڙس مسٽر ڇڳاڻي، لاڙڪاڻي جي ڇڳاڻي محلي جو هو، جنھن 1983ع ۾ وفات ڪئي. 2018ع ۾ سنڌ ياترا دؤران گل ڇُڳاڻيءَ کان، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي ڊاڪٽر بلوچ هال ۾، ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي انگريزيءَ ۾ لکيل پي ايڇ ڊي واري مقالي جي سنڌي ترجمي ”اوڻھين صديءَ جي انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف“واري ڪتاب جي مھورت ڪرائي وئي. 29 مارچ 2024ع تي هن لنڊن ۾ وفات ڪئي.


لفظ گل ڇڳاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.05.17  عيسوي

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مشھور شارح ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي نياڻي ۽ مشھور تعليمدان گل ڇڳاڻيءَ جو جنم 17 مئي 1931ع تي حيدرآباد جي واڌواڻي گهٽيءَ واري علائقي ۾ ٿيو.


2024.03.29  عيسوي

گل ڇڳاڻي 29 مارچ 2024ع تي هن لنڊن ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهه بچايو کوسو
پير محمد زمان شاهه هاشمي
راڻو ارجن ۽ بجار جوکيو
ارباب کهاوڙ
جميلا بوپاشا
شاهه محمود قريشي
اختيار علي خشڪ
پاراشر
سنڌ سوديشي هوزرِي مل
پريمي موهن لعل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون